زيد بن ثابت نجاري خزرجيرضه

زيد بن ثابت نجاري خزرجيرضه: وڏي پائي جو عالم ۽ رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جو صحابي هو. سندس تعلق عرب جي قبيلي بنو خزرج جي شاخ مالڪ بن نجار سان هو. ان ڪري تاريخ ۾ کيس ’نجاري‘، ’خزرجي‘ ۽ ’انصاري‘ جي نسبتن سان ياد ڪيو ويندو آهي. سندس ڪنيتون ابو سعيد، ابو خارجه، ابو عبدالرحمان ۽ ابو ثابت آهن. پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جي هجرت کان پنج سال اڳ انصارن جي ’جنگ بعاث‘ ۾ حضرت زيد جو پيءُ ثابت مارجي چڪو هو، تڏهن هن جي عمر ڇهه سال هئي. پوءِ سندس والده ئي هن جي پالنا ۽ تربيت ڪئي. حضرت زيد کي حضور جنصهجي مديني اچڻ کان اڳ قرآن پاڪ جون سترهن سورتون ياد ٿي چڪيون هيون. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جڏهن مديني شريف آيا، تڏهن حضرت زيد جي ذهانت ڏسي گهڻا خوش ٿيا. هن 15 ڏينهن ۾ يهودين جو ڪتاب ’توريت‘ ياد ڪري ورتو. حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جي مديني آمد کان اڳ وحيءَ جو ڪاتب
ابي بن ڪعبرضههو، ان کان پوءِ اهو ڪم حضرت زيد بن ثابترضهجي نصيب ۾ آيو. ’الاستيعاب‘ جو بيان آهي ته ”زيد بن ثابت وحيءَ جي ڪتابت خاطرحضور صلي الله عليه وسلم جن جي خدمت ۾ حاضر رهندو هو ۽ اڪثر خط به لکندو هو.“ استيعاب جو مصنف لکي ٿو ته ”ابي بن ڪعب ۽ زيد بن ثابت نه فقط پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جي حڪم سان قرآن مجيد ۽ خط پٽ لکندا هئا، پر هو ملڪيتن جا پراوانا ۽ ٻيا سرڪاري حڪم احڪام به تحرير ڪندا هئا.“
حضرت ابوبڪر صديقرضهجي زماني ۾ قرآن پاڪ جو پهريون سرڪاري نسخو، سمورن اصحابن کان تحقيق ۽ تصديق سان حضرت زيد بن ثابت لکي تيار ڪيو. حضرت زيد بن ثابترضهجهاد ۾ به حصو ورتو. بدر واري جنگ ۾ ننڍي عمر هجڻ ڪري پاڻ ڪريمنصه کيس منع فرمايو. اُحد جي جنگ ۾ حصي وٺڻ بابت اختلاف آهي. البت خندق جي جنگ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. تبوڪ جي جنگ ۾ حضور صلي الله عليه وسلم جن پهريان بنو مالڪ بن نجار جو جهنڊو عمارة بن حزمرضه کي ڏنو. پر پوءِ قرآن جي وڌيڪ علم رکڻ جي فضيلت ڪري اهو جهنڊو حضرت زيد بن ثابت کي ڏنائون. حضرت ابوبڪر صديقرضه جي زماني ۾ ڪذاب جي بغاوت واري جنگ ۾ به ڀرپور حصو ورتائين، جنهن ۾ مسلمه ڪذاب کي شڪست ملي. حضرت زيد، خلفاءِ الراشدين جو خاص صلاحڪار ۽ سرڪاري ڪمن ۾ مددگار رهيو. حضرت عثمانرضهجي زماني ۾ جيتوڻيڪ انصارين جي هڪ شاخ حضرت عثمانرضه جي مخالف ٿي، پر حضرت زيد بن ثابت، حمايت ۾ رهيو. هو حضرت علي عليه السلام جي به بيحد تعظيم ڪندو هو ۽ سندس خلافت جي وقت ۾ تعليم ۽ تبليغ جون خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو. ابن سعد لکي ٿو ته ”زيد بن ثابت رضه، حضرت عثمانرضه ۽ حضرت علي عليه السلام جي خلافت واري زماني ۾ مديني ۾ قضا، فتويٰ قرائت ۽ فرائض جي شعبي جو سربراهه رهيو. جڏهن خلافت تي معاويه رضه قبضو ڪيو، تڏهن به هو پنجن سالن تائين ان عهدي تي قائم رهيو. امير معاويه کيس مديني شريف جو باقاعدي قاضي مقرر ڪيو ۽ سندس پگهار به بيت المال مان ادا ڪندو هو.“ حضرت زيد بن ثابت جي گهرواري حضرت جميله، مشهور اصحابي سعد بن ربيع جي ڌيءَ هئي، کين ڏهه پٽ هئا ۽ ڏهه ئي پنهنجي زماني جا مشهور حديث ۽ فقه جا عالم ۽ پرهيزگار شخص هئا. (اقتباس: سيرت صحابه: علي مير شاهه)


هن صفحي کي شيئر ڪريو